حضرت قلندر لال شهباز جي 765 هين عرس جو ٽئين ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن

sehwan cctv

حضرت قلندر لال شهباز جي 765 هين عرس جو ٽئين ڏينهن واريون تقريبون  جاري آهن،  اڄ  ملاکڙو، محفل سماع ۽ شهباز ايوارڊ تقريب ٿيندي، جتي مختلف شعبي جي ماڻهن کي شهباز ايوارڊ ڏنا ويندا.

شهباز آڊيٽوريم ۾ شهباز ايوارڊ تقريب ٿيندي، فنڪارن، ليکڪن، سگهڙن، صحافين، ملهه پهلوانن سميت ميلي جا بهتر انتظام ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي ايوارڊ ڏنا ويندا.

ميلي دوران پنجاب واسي هڪ زائرين دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، اسپتال انتظاميه موجب فوت ٿي ويل همراهه اڳ ۾ ئي بيمار هو، تنهن ڪري سندس موت ٿيو آهي.

ضلعي انتطاميه ايمبولنس ذريعي فوت ٿي ويل همراهه جو لاش پنجاب روانو ڪيو ويو.

انتظاميه موجب ميلي جي موقعي صورتحال کي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي شهر جي مختلف علائقن کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*