وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ تي سنڌ جي عوام کي خدشا آهن

sehwan cm

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ تي سنڌ جي عوام کي خدشا آهن، سنڌ جا آئيني حق وٺڻ لاءِ هر فورم تي وينداسين.

 سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جتي گئس پيدا ٿئي ٿي، پهرين اتان جي ماڻهن جو آئيني حق آهي.

هن چيو ته گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل جي شديد مذمت ڪريان ٿو،نثار کهڙو اڄ شهيد پورهيتن جي وارثن سان تعزيت ڪري سنڌ سرڪار پاران معاوضي جو اعلان ڪندو.

مراد علي شاهه چيو ته سيوهڻ ميلي ۾  20 لک کان وڌيڪ زائرين شرڪت پهتل آهن، کين هر سهولتون ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته پاڪ سر زمين پارٽي کي ايف ٽي سي تائين ريلي جي اجازت هئي،ڪجهه ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ حراست ۾ وٺڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو.

مراد علي  شاهه چيو ته  سنڌ حڪومت آءِ جي لاءِ وفاق کي نالا ڏنا آهن،آءِ جي بابت عدالت جيڪو فيصلو ڪندي قبول ڪنداسين.

وڏو وزير وڌيڪ چيو ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ تي سنڌ جي عوام کي خدشا آهن، سنڌ جا آئيني حق وٺڻ لاءِ هر فورم تي وينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*