موري ۾اڻڄاتل جوابدار نوجوان عورت کي قئنچي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو

moro qatal

موري ۾اڻڄاتل جوابدار نوجوان عورت کي قئنچي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

اوڏ ڪالوني ۾ اڻڄاتل جوابدار گھر اندرقئنچي جا وار ڪري35 ورهين جي فوزيا آرائين کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي مورو پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ موري جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.

اسپتال ۾ موجود مقتولا جي چاچي خوشي محمد آرائين ٻڌايو ته فوزيا مڙس سان اختلافن سبب وٽس رهندي هئي، واقعي وقت هو سندس گھر ۾ اڪيلي هئي ته اڻڄاتل جوابدار کيس قئنچي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

هن الزام هڻندي چيو ته کين شڪ آهي ته فوزيا کي سندس مڙس قتل ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي اچڻ تي  سندن چوڻ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*