قومي اسيمبلي بحري ڪاروبار بابت بل منظوري ڪري ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ نيشنل اسڪولز آف پبلڪ پاليسي ترميمي بل به منظور ڪيو ويو آهي

national assembly

قومي اسيمبلي بحري ڪاروبار بابت بل منظوري ڪري ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ نيشنل اسڪولز آف پبلڪ پاليسي ترميمي بل به منظور ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرز واڪ آئوٽ ڪيو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي نٿي ڏئي سگهي ته لاڳاپيل وزير استعيفيٰ ڏئي.

فاروق ستار چيو ته پوري ملڪ ۾ واڌو بلن خلاف احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن، سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن کي لٽيو پيو وڃي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت فاٽا جي حوالي سان سنجيده نه آهي، هو فاٽا سڌارن جي حمايت ڪن ٿا.

خورشيد شاهه چيو ته سڄو ڪاروهنوار ٽيوٽر تي هلايو پيو وڃي، ٽوئيٽ واپس به ورتا پيا وڃن.

قومي اسيمبلي نيشنل اسڪولز آف پبلڪ پاليسي ترميمي بل منظور ڪري ڇڏيو، بل ۾ پ پ جي ترميم به شامل ڪئي اجلاس دوران بحري ڪاروبار بابت بل 2017 منظورڪيو ويو.

سوالن جي وقفي دوران منصوبابندي جي عملدارن جي غيرموجودگي تي اسپيڪر طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، اسپيڪر گيلري ۾ موجود اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي به ايوان مان ڪڍي ڇڏيو.

منصوبابندي واري وزير احسن اقبال چيو ته عالمي ادارن پاڪستان کي اڀرندڙ معيشيت قرار ڏنو اهي، منصوبابندي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي.

احسن اقبال چيو ته حتمي منظور لاءِ سفارشون قومي اقتصادي ڪائونسل کي موڪليون وينديون.

ناڻي واري وزارت آگاهي ڏيندي چيو ته آڪٽوبر 2016ع کان اڳ اين جي اوز کي ملندڙ غير ملڪي فنڊن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي.

ناڻي واري وزارت چيو ته هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ مرڪزي بينڪ کان 22 هزار 42 ارب رپيا قرض حاصل ڪيو ويو.

ناڻي واري وزارت چيو ته آڪٽوبر 2016ع کان هيستائين رجسٽرڊ ٿيل 5 اين جي اوز 40 ڪروڙ 48 لک رپيا غيرملڪي فنڊنگ حاصل ڪئي.

اجلاس دوران قومي اسيمبلي نيشنل اسڪولز آف پبلڪ پاليسي ترميمي بل منظور ڪري ڇڏيو، بل ۾ پ پ جي ترميم به شامل ڪئي وئي.

ميمبرن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد ٻارڙن جي والدين سان ڪيل واعدا نه پاڙيا ويا آهن، جوڊيشل انڪوائري نه ڪرائي وئي آهي.

ميمبرن چيو ته لاهور ۾ هاٿي مرڻ تي جوڊيشل جاچ ڪرائي ويندي آهي پر معصوم ٻارڙن جي قتل جي جاچ نه ٿي ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*