لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام ڪاليج جي ملازمن مطالبن جي مڃتا ۽ پرنسپال جي خراب ورتاءُ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام ڪاليج  جي ملازمن مطالبن جي مڃتا ۽ پرنسپال جي خراب ورتاءُ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سجاد کوسي ۽ محمد پنهل جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڪاليج ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته پرنسپال جو ملازمن سان ورتاءُ خراب آهي، جائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا تي عمل ڪري ملازمن جا ٻيا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پرنسپال کي هٽائي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*