سکر ميئر کي به گندي پاڻي مان گذارڻ لاءِ سرون رکي ڏنيون ويون

sukkur mayor

سکر ميئر کي به گندي پاڻي مان گذارڻ لاءِ سرون رکي ڏنيون ويون، ميئر صفائي عملي جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ڊيوٽي تي دير سان پهچڻ تي 12 ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو.

ميئر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، ميونسپل ڪمشنر پير واحد بخش ۽ يونين ڪميٽيز جي چيئرمين ساڻ صبح جو سکر شهر جو دورو ڪيو، جنهن دوران ڊيوٽي تي دير سان اچڻ تي صفائي عملي جي 2 سپروائيزرن سميت 10 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو.

دوري دوران ميئر سکر شهر اندر گندگي جا ڍيرا ۽ گندو پاڻي بيٺل هئڻ تي گذرڻ لاءِ سرون رکي ڏنيون ويون، جنهن تي مئير چيف سينيٽري انسپيڪٽر حبيب الله  شيخ  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي شهرين ميئر کي صفائي عملي جي لاپرواهي ۽ نااهلي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*