سپرنٽيڊنٽ انجنئير حيسڪو نوابشاهه ملڪ امتياز چيو آهي ته سانگهڙ شهر ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي دوران جوابدارن حملو ڪري کيس زخمي ڪيو آهي

nawabshah s e hesco

سپرنٽيڊنٽ انجنئير حيسڪو نوابشاهه ملڪ امتياز چيو آهي ته سانگهڙ شهر ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي دوران جوابدارن حملو ڪري کيس زخمي ڪيو آهي، پوليس حملو ڪندڙن بدران مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي.

نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس اي ملڪ امتياز  چيو ته 3 ڏينهن اڳ سانگهڙ شهر جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي ته فيصل نظاماڻي ۽ سندس ساٿين حملو ڪيو.

هن چيو ته جوابدارن جي حملي ۾ منهنجي نڪ جي هڏي ڀڄي پئي آهي، جنهن جو اسپتال ۾ آپريشن ڪرايو آهي.

هن چيو ته سانگهڙ جي هڪ وڪيل مون سميت ايڪسين ۽ ايس ڊي او تي پڻ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

ملڪ امتياز چيو ته مان ڪنهن به صورت ۾ بجلي چوري ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس، حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري اسان تي داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*