سنڌ حڪومت پاران سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي وارثن ۾ چيڪ ورهايا ويا، سانحي جي شهيدن جي وارثن کي 15-15 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا

sehwan check

سنڌ حڪومت پاران سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي وارثن ۾ چيڪ ورهايا ويا، سانحي جي شهيدن جي وارثن کي 15-15 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا.

16 فيبروري تي سيوهڻ درگاهه اندر بم ڌماڪي جي شهيد خدابخش لاکو، گلزار علي، فدا حسين، منير علي، الهه ڏنو سولنگي سميت 12 شهيدن جي وارثن کي چيڪ ڏنا ويا.

سيوهڻ سانحي جي 84 شهيدن مان 82 شهيدن جي وارثن جي لاءِ امدادي چيڪ جاري ڪيا ويا آهن، سيوهڻ واسي 12 شهيدن جي وارثن کي پيپلز پارٽي اڳواڻ آصف شاهه چيڪ ڏنا، جڏهن ته باقي 70 شهيدن جي وارثن کي سندن ضلعي جي ڊي سيز جي معرفت چيڪ پهچايا ويندا.

سيوهڻ سانحي جي ٻن شهيدن جي سڃاڻپ ۾ دير سبب انهن جي وارثن جا امدادي چيڪ اڃا جاري نه ٿي سگهيا آهن، جيڪي بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*