سنڌ هائيڪورٽ سکر بينچ گمس جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري کان پهرين جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

sukkur high court

سنڌ هائيڪورٽ سکر بينچ گمس جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري کان پهرين جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ سکر جي ٻه رڪني بينچ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين خالد حسين شيخ ۽ شهري صفدر سهتي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن جو موقف هو ته سنڌ اسيمبلي غير قانوني طور تي گمس جو نالو مٽائي پير عبدالقادر جيلاني جي نالي پٺيان رکيو آهي، جنهن جو نه رڳو صحت جي شعبي ۾ پر ٻئي ڪنهن به شعبي ۾ پڻ ڪوبه ڪارنامو انجام نه آهي، جنهن جي آڌار تي اداري جو نالو رکيو وڃي.

درخواست گذارن جو چوڻ هو ته گمس جو نالو مٽائڻ سان سان جرمني پاران ڪروڙين رپين جا فنڊز روڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز کي فنڊنگ ڪرڻي هئي نئون نالي واري انسٽيٽيوٽ کان هو واقف نه آهن.

درخواست گذارن جو موقف هو ته مختلف ڪمپين اداري جي ساک جي آڌار تي جيڪو سامان ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو اهو به نالو تبديل ٿيڻ سبب گمس کي نه ملي سگهيو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ درخواست گذارن جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*