سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن، وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي مراعتن ۽ پگهارن ۾ واڌ ڪري ٺٺ ڪرايا ويا آهن

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن، وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي مراعتن ۽  پگهارن ۾ واڌ ڪري ٺٺ ڪرايا ويا آهن.

مراعتن ۽ پگهارن ٻيڻي واڌ واري سفارش سنڌ اسيمبلي جي سليڪشن ڪميٽي ڪئي آهي.

سليڪشن ڪميٽي وڏي وزير ۽ اسپيڪر جون پگهارون 75 هزار مان وڌائي ڏيڍ لک ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ايم پي ايز جون پگهارون 24 هزار مان وڌائي 50 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اسمبلي جي هر ميمبر کي 10 هزار رپيا فون، 45 هزار گهر ۽ 15 هزار رپيا يوٽيلٽي مد ۾ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جي سليڪشن ڪميٽي وزيرن کي يوٽيلٽي بل، 5 سئو لٽر تيل، گاڏي ڊرائيور ۽ مينٽيننس ڏيڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*