ريلويز واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ دلچسپي نه ورتي

khuwaja saad rafiq

ريلويز واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ دلچسپي نه ورتي، مراد علي شاهه جي دلچسپي سبب منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي.

چين جي دوري تان واپسي بعد لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعد رفيق چيو ته ٽن صوبن وچ ۾ ماس ٽرانزٽ ريلوي رٿا سي پيڪ ۾ شامل آهي.

هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي به اقتصادي راهداري جو حصو آهي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي دلچسپي نه وٺڻ سبب منصوبو رولڙي جو شڪار ٿيو.

هن ٻڌايو ته ريلوي بابت چين سان ڪيترائي معاهدا ڪيا ويا آهن، جنهن بعد جديد ريلويز واري خواب جي پوراءَ جو وقت اچي ويو آهي، اميد ته هلندڙ سال ايم ايل ون تي ڪم شروع ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*