ڪنڊياري ۾ هنڱورجه ٽائون ڪميٽي چيئرمين جي مبينا ڪرپشن ۽ سماجي اڳواڻ اقبال هاشماڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف آل پارٽيز الائنس ۽ هاشماڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

kandiyaro hingorja

ڪنڊياري ۾ هنڱورجه ٽائون ڪميٽي چيئرمين جي مبينا ڪرپشن ۽ سماجي اڳواڻ اقبال هاشماڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف آل پارٽيز الائنس ۽ هاشماڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظفر هاشماڻي ۽ اختر علي جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاجي مطاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٽائون ڪاميٽي هنڱورجه ۾ ترقياتي ڪمن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي، شهر ۾ گندگي جا ڍير بڻيل آهن.

هنن چيو ته ٽائون ڪميٽي ۾ ڪرپشن خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ تي سماجي اڳواڻ اقبال هاشماڻي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي هنڱورجه ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي سماجي اڳواڻ اقبال هاشماڻي تي داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*