فيض گنج ويجهو زمين جي تڪرار تان 9 ڏينهن اڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پيرسن انوار احمد آرائين ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

faiz ganj murder

فيض گنج ويجهو زمين جي تڪرار تان 9 ڏينهن اڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پيرسن انوار احمد آرائين ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

ڳوٺ مولوي عطا الله ۾ 9 ڏينهن اڳ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب پيرسن انوار احمد آرائين شديد زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر مان پيرسن انوار احمد آرائين جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آرائين ۽ نعيم آرائين چيو ته 9 ڏينهن اڳ جوابدار آصف آرائين پيرسن انوار آرائين کي مٿي ۾ ڏنڊا هڻي سخت زخمي ڪيو هو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو آهي.

رهواسين چيو ته واقعي جو ڪيس ڪوٽ لالو ٿاڻي تي داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار آصف آرائين کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*