پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪشميرين تي ظلم تي عالمي برادري کي وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي

Nafees zakriya

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪشميرين تي ظلم تي عالمي برادري کي وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم نوازشريف جو چين جو دورو ڪامياب رهيو.

پرڏيهي آفيس ۾ بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته پرڏيهي ترجمان سرتاج عزيز ڪشميرين تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام جو آواز دٻائڻ لاءِ ڀارت 34 ٽي وي چينل بند ڪري ڇڏيا آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته وزيراعظم نوازشريف جو چين جو دورو ڪامياب رهيو، وزيراعظم چين جي ڪيترن ئي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.

هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف سان ترڪي ۽ روس جي صدرن به ملاقات ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري حريت اڳواڻن جي گرفتاري تي کين ڳڻتي آهي، سيد علي گيلاني کي ڊاڪٽرن سان ملڻ جي به اجازت نه ڏني وئي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هندو انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس شروعات کان ڪشمير تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

نفيس ذڪريا چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال خراب آهي، پاڪستان ڀارتي ظلم جي مذمت ڪري ٿو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*