شماريات کاتي پاڪستان جي ڪمشنر آصف باجوه چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي 62 ضلعن ۾ آدمشماري وارو عمل مڪمل ٿيڻ بعد 88 ضلعن ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو جاري آهي

thatta sensus commissioner

شماريات کاتي پاڪستان جي ڪمشنر آصف باجوه چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي 62 ضلعن ۾ آدمشماري وارو عمل مڪمل ٿيڻ بعد 88 ضلعن ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو جاري آهي، جيڪو 24 مئي تي پڄاڻي تي پهچندو.

شماريات کاتي جي ڪمشنر آصف باجوه سنڌ جي ڪمشنر عبدالعليم ميمڻ ۽ ڊي سي ٺٽي مرزا ناصر سان گڏ گهارو پهچي هلندڙ آدمشماري عمل جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي شماريات کاتي جي ڪمشنر آصف باجوه ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته قاغان واري علائقي ۾ برفباري ۽ اتر وزيرستان جي ٽن ايجنسيز ۾ سڪيورٽي صورتحال سبب آدمشماري ملتوي  ڪئي وئي  هئي، جيڪا ٻيهر ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته آدمشماري جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، ٻيون مرحلو 24 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ٻن مهينن اندر سڄي ملڪ ۾ ٿيل آدمشماري جي رپورٽ تيار ڪري انگ اکر جاري ڪيا ويندا.

شماريات کاتي جي ڪمشنر چيو ته مادري ٻولي لکرائڻ سان صوبن جي آبادي تي ڪو به اثر نه پوندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ 19 سالن بعد آدمشماري جو عمل ڪاميابي سان هلي رهيو آهي.

آصف باجوه چيو ته ملڪ جي  سمورن علائقن ۾ ناڻي جي ورڇ تڪبندين ۽ مادري ٻولي نه پر مجموعي آبادي جي بنياد تي ٿيندي.

شماريات کاتي جي چيئرمين چيو ته آدمشماري واري عمل دوران سنڌ جي ماڻهن شماريات کاتي جي عملي سان تمام گهڻو سهڪار ڪيو آهي. جيڪو وسارڻ جو ڳو نه آهي.

ان موقعي تي سنڌ جي شماريات کاتي جي ڪمشنر عبدالعليم ميمڻ چيو ته سنڌ جي 21 ضلعن ۾ هن وقت آدمشماري جو ٻيو مرحلو هلندڙ آهي ۽ ڪٿي به سڪيورٽي جو ڪو به مسئلو نه ٿيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*