پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي فوج تي تنقيد انتهائي افسوسناڪ عمل آهي

rana sana ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي فوج تي تنقيد انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، عمران خان جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته 2018ع  جون چونڊون ڪم جي بنياد تي ٿينديون، ملڪ ڪافي حد تائين دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو آهي.

راڻا ثناءَ الله جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هنگامي حالتون پيدا ڪري ڪو به وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي.

هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف ٽن کنڊن کي پاڻ ۾ ملائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، سوشل ميڊيا تي فوج تي تنقيد انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*