آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جنگ رياست جي سڀني ادارن ۽ عوام کي گڏجي وڙهڻي آهي

army cheif

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جنگ رياست جي سڀني ادارن ۽ عوام کي گڏجي وڙهڻي آهي، نوجوان اسان جو سرمايو آهن.

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ “نوجوانن جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪردار ” جي موضوع هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿي ويون آهن، جنهن سان ترقي ممڪن ٿي سگهندي.

سندس چوڻ هو ته ملڪي سلامتي جي خطرن ۾ تمام گهڻي گهٽتائي اچي وئي آهي.

آرمي چيف جو چوڻ هو  ته بنا شڪل ۽  بنا نالن واريون تنظيمون سوشل ميڊيا تي نوجوانن جو ذهن خراب ڪري رهيون آهن.

جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ردالفساد هڪ نئين مرحلي جي شروعات آهي.

آرمي چيف قمر جاويد باجوه جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جان رياست جي سمورن ادارن ۽ عوام کي گڏجي وڙهڻي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*