پ پ ڏکڻ پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود چيو آهي ته نواز شريف کي پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي

makhdom ahmad makhdom

پ پ ڏکڻ  پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود چيو آهي ته نواز شريف کي پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ڪجهه  نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري جي آءِ ٽي به ڪجهه نه ڪري سگهندي.

 ڪشمور ۾ سماجي اڳواڻ حاجي محڪم الدين سولنگي جي لاڏاڻي تي سندس پوئنرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم احمد محمود چيو ته ملڪ ۾پنجاب لاءِ هڪ قانون ۽ ٻين صوبن لاءِ ٻيو قانون آهي، نواز شريف جي جاءِ تي ڪو سنڌي وزير اعظم هجي ها ته پاناما ڪيس ۾ ڦاهي ٽنگجي وڃي ها.

هن چيو ته پ پ اڄ به ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ پنجاب مان به ڪاميابي ماڻيندي.

 مخدوم احمد محمود چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ نواب اڪبر بگٽي  جي قتل ڪيسن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پنجاب هڪ ٻين صوبن وارن لاءِ ٻيو قانون آهي.

مخدوم احمد محمود چيو ته پنجاب جي اردو ميڊيا پ پ مخالف ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو صحيح عمل ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*