لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام ڪاليج جي ملازمن مطالبن جي مڃتا،پرنسپال جي مبينا زيادتين ۽ شاگردن پاران سهولتون نه ملڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام ڪاليج  جي ملازمن مطالبن جي مڃتا،پرنسپال جي مبينا زيادتين ۽ شاگردن پاران سهولتون نه ملڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، شاگردن جي احتجاج سبب انتظاميه هلندڙ امتحان ملتوي ڪري ٻن مهينن جي وئڪيشن موڪلي ڪري ڇڏي،جنهن کانپوءِ شاگرد هاسٽلون خالي ڪري گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

ملازمن سجاد کوسي، محمد پنهل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاليج ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ڪاليج جو پرنسپال ملازمن سان زيادتين ڪري رهيو آهي ۽ سندس ورتاءُ خراب آهي.

هنن چيو ته سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا سميت ملازمن جي جائز مسئلن طرف ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٻئي طرف شاگردن پاران سهولتون نه ملڻ سبب ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو، شاگردن جي انتظاميه هلندڙ امتحان ملتوي ڪندي شاگردن کي ٻن مهينن جي وئڪيشن جي موڪل ڏئي ڇڏي،جنهن کان پوءِ شاگرد هاسٽلون ڪري گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*