پارٽي پاليسي تحت اسپيڪر آڏو گڏيل طور تي ئي پيش ٿي سگهون ٿا پي ٽي آءِ اڳواڻ محمودالرشيد

قومي اسيمبلي کانپوءِ پنجاب اسيمبلي ۾ به تحريڪ انصاف جي ميمبرن استعيفائن وارو معاملو اٽڪيل آهي، اسپيڪر پاران ڏنل مهلت ختم ٿيڻ باوجود ميمبرن انفرادي طور پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، محمود الرشيد جو چوڻ آهي ته پارٽي پاليسي موجب، هو گڏيل طور ئي پيش ٿي سگهن ٿا.

اسپيڪر پاران طلب ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جا 29 ميمبر استعيفائن جي تصديق لاءِ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ پهتا.

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي استعيفائن جي تصديق لاءِ انفرادي طور پيش ٿين پر پي ٽي آءِ ميمبرن انڪار ڪيو.

اسپيڪر راڻا محمد اقبال پاران 2 ڀيرا مهلت ڏيڻ باوجود پي ٽي آءِ ميمبر پنهنجي ضد تي اٽڪيل رهيا، جنهن بعد ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

راڻا ثناءُ الله جي ڪوششن باوجود پي ٽي آءِ ميمبرن هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجي ضد تي قائم رهيا.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد چيو ته اسپيڪر آڏو هو ڪنهن به صورت ۾ انفرادي طور پيش نه ٿيندا، پارٽي پاليسي تحت اسپيڪر آڏو گڏيل طور تي ئي پيش ٿي سگهن ٿا.

محمود الرشيد چيو ته هنن گڏيل طور تي استيعفيٰ ڏني آهي، ان ڪري ڌار ڌار پيش نٿا ٿي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*