پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير جي حڪم تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي 27 فيڊرز تي 16 کان 22 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري

پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي جي حڪم تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي 27 فيڊرز تي 16 کان 22 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، لوڊشيڊنگ سبب عوام جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، عوام جو چوڻ آهي ته لائين لاسز کي پورو ڪرڻ لاءِ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌامراهه فيڊر، نيو باقراڻي، پارڪو، چڪ، نيو وارهه، گولو دڙو، لوڊرا، امروٽ شريف، ميرپور ٻرڙو فيڊرز تي روزانو 22 ڪلاڪ ۽ مراد واهڻ، ڳريلو، علي آباد، باگڙجي، سلطان ڪوٽ،غوثپور ۽ ٻين فيڊرز تي 16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

جيڪب آباد ضلعي جي 18 فيڊرز تي  16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڪارنهوار ٺپ ٿي ويو آهي.

ٺل تعلقي جي 4 ۽ ڳڙهي خيرو جي ٻن فيڊرز تي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب زرعي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.

ڪنڌڪوٽ جي سٽي ون، ٽو، ٿري ۽ فور سميت انڊسٽريل سٽي، رسالدار، دڙي فيڊرز تي 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته لائين لاسز کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سان سندن فصل ۽ ڪارنهوار تباهه ٿي ويو آهي.

قمبر سٽي ۽ ٻهراڙي جي 6 فيڊرز تي روزانو 12 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ معمول بڻيل آهي.

شهدادڪوٽ تعلقي جي 6 فيڊرز سٽي ون، ٽو، ٿري، چانڊيا، قبو سعيد خان، بهرام ۽ ڳڙهي خيرو فيڊرز تي 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

ڪشمور تعلقي جي ٽن فيڊرز سٽي ون، ٽو، گڊو، ڪالوني ون فيڊرز تي 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻيل آهي.

ٻئي پاسي دادو ضلعي جي ڪاڇي  وارن علائقن ۾ روزانو 22 ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.

شيڊول موجب، ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي بجلي هڪ ڪلاڪ ڏينهن ۽ هڪ ڪلاڪ رات جو فراهم ڪئي پئي وڃي.

بجلي جي هٿرادو لوڊشيدنگ سبب زرعي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ ۽ ڪارنهوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته بجلي نه هئڻ سبب ٽيوب ويل بند آهن، وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري سندن پوکيل فصل، سبزيون سڙي رهيون آهن، جنهن سان کين نقصان ٿي رهيو آهي.

شهرين ۽ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪري بجلي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*