دهشتگردي ٽوڙ عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيندڙ پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيندڙ پوليس آفيسرن ۽ شاهدن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتاري ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته ايف آءِ اي ۽ پوليس آفيسر توڙي شاهد پيش نه ٿيا، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي، انسپيڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي، گواهه عبدالرزاق ميراڻي، ڊي پي او جعفرآباد اشفاق انور ۽ ايس ايس پي رٽائرڊ جاويد خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت لاڳاپيل سي سي پي او کي به گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*