لاڙڪاڻي ۾ جيها برادري جي ماڻهن رشيد وڳڻ پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 4 عورتن کي حراست ۾ وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ جيها برادري جي ماڻهن رشيد وڳڻ پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 4 عورتن کي حراست ۾ وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ جيهو واسي وريام جيهو ٻارن سميت پريس ڪلب ۾  احتجاج ڪندي چيو ته رشيد وڳڻ پوليس سندس پٽ تي ڊيزل چوري جي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گهر تي چڙهائي ڪري 4 عورتن خانزادي، نورزادي، نذيران ۽ وزيران کي  لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي بنا ڏوهه گرفتار ڪيل عورتن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*