ٺٽي ۾ ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

thatta-06

ٺٽي ۾ ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٺٽي ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن آدم گندري، عبدالڪريم، عبدالعزيز  ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته هو گذريل 12 سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن پر کين 5 کان 7 هزار رپيا پگھار ڏني وڃي ٿي.

هنن چيو ته گھٽ پگھار مان هن مهانگائي واري دور ۾گذارو مشڪل سان ٿئي ٿو.

ملازمن مطالبو ڪيو ته کين پڪو ڪري سندن پگھارون وڌايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*