پشاور جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن ڪارروائي ڪري 400 ڪلو بارودي مواد

Peshawar-Map-171016

پشاور جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن ڪارروائي ڪري 400 ڪلو بارودي مواد، آپگهاتي جيڪيٽس، 5 راڪيٽ لانچرز ۽ 12 هينڊ گرنيڊ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سي سي پي او طاهر خان چيو ته شهر جي مختلف ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي هٿيار هٿ ڪيا آهن، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪارروائي دوران 400 ڪلو بارودي مواد ۽ آپگهاتي جيڪيٽس هٿ ڪيا آهن.

سي سي پي او طاهر خان چيو ته هٿ ڪيل هٿيارن ۾ 5 راڪيٽ لانچرز ۽ 12 هينڊ گرنيڊ به شامل آهن، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*