سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت قائم عدالتي ڪميشن ٻڌڻي دوران فيڪٽرين ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي

Sindh-high-Court-19417

سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت قائم عدالتي ڪميشن ٻڌڻي دوران فيڪٽرين ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو آهي ته حڪمن تي عملدار آمد ڪرڻ بدران رڳو ڪم ٿي رهيو آهي جون رپورٽون ڏنيون پيون وڃن، ڪم نه ٿيو ته نوڪري به سلامت نه رهندي.

سنڌ هاءِڪورٽ جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڊويزن بينچ ٻڌڻي دوران ايم ڊي واٽر بورڊ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪراچي واٽر بورڊ جي سربراهه کان گهرن تائين پاڻي پهچائڻ واري رٿا جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ٻڌڻي دوران  درخواست گذار شهاب اوستو عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود هر ڪم ۾ سست رفتاري ڪئي پئي وڃي.

ٻڌڻي دوران ايم ڊي واٽر بورڊ ڪميشن آڏو پيش ٿي  ٻڌايو ته ڪراچي ۾ جنهن وقت سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ان وقت 220 گيلن پاڻي هر روز صاف ٿيندو هو جيڪو هاڻي وڌائي 320 گيلن صاف ڪيو پيو وڃي.

وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي پيش ٿي ٻڌايو ته آربي او ڊي ٽو بابت اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت گهرجي.

ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان کي ڪيترو وقت کپي ڇا هڪ هفتي ۾ معاملو حل ٿي سگهي ٿو.

وفاقي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪو وقت نه ٿو ٻڌائي سگهجي معاملي جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون تمام جلد حل ڪيو ويندو.

وفاقي سيڪريٽري چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ پي سي ون سنڌ حڪومت فراهم ڪندي آهي پر هن وقت تائين فراهم ناهي ڪئي.

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته وي سي ون تيار آهي توهان کي ڪهڙي وقت ڏيون، پي سي ون ۾ 5 ٽريٽمينٽ پلانٽس جي تعمير جي تجويز ڏني وئي آهي.

وفاقي سيڪريٽري چيو ته ڪي فور منصوبي لاءِ وڏي وزير ۽ وزير اعظم وچ ۾ ڪالهه ملاقات پڻ ٿي هئي، وفاق سڄي منصوبي لاءِ فنڊ فراهم ڪندو.

عدالتي ڪميشن نساسڪ، آر او پلانٽ ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي رپورٽ هڪ هفتي ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 3 جون تائين ملتوي ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*