سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا بابت درخواست تي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي برقرار رکندي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا بابت درخواست تي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي برقرار رکندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي  22 مئي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني  بينچ شهر ۾ هيوي ٽرانسپورٽ جي داخلا بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ڪئي.

عدالت شيري جناح ڪالوني ۾ بيٺل آئل ٽينڪرز کي ذوالفقار آباد ٽرمينل تي منتقل نه ڪرڻ تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کائنس لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ڪراچيءَ ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي وارو حڪم برقرار رکندي ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*