قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبن وچ ۾ نفرتون پکيڙي رهي آهي

khursheed shah suk

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبن وچ ۾ نفرتون پکيڙي رهي آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ به عوام لاءِ ڪنهن به قسم جو رليف نه هوندو.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته فورسز  ڪلڀوشن کي گرفتار ڪيو  هو، عالمي عدالت جي فيصلي سان فوجي جوان مايوس ٿيا آهن.

خورشيد شاهه چيو ته عالمي عدالت جو فيصلو حڪومت جي ناڪامي ظاهر ڪري ٿو، پرڏيهي وزرات کي ان حوالي سان مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو.

هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن ۾ وڃڻ باجود اتي ڪلڀوشن معاملي تي لفظ به نه ڳالهايو.

خورشيد شاهه چيو ته  اسلام آباد ۾ ڪجهه به ٿئي  ٿو چوڌري نثار ان کي درست قرار ڏئي ٿو پر سنڌ ۾ هر معاملي تي مذمت ڪرڻ لاءِ  هر وقت تيار رهي ٿو ۽ ماڊل ٽائون جهڙا واقعا وساري ويهي ٿو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبن وچ ۾ نفرتون پکيڙي رهي آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ به عوام لاءِ ڪنهن به قسم جو رليف نه هوندو.

خورشيد شاهه چيو ته   قطري شهزادي جي خط کي پنج ئي جج رد ڪري چڪا آهن، فقط ڪجهه سوال آهن جن تي جي آءِ ٽي ڪم ڪري رهي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*