نيب پاران ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪندي ڪي ڊي اي جي 3 آفيسرن سميت 6 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن

Nab-21916

نيب پاران ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪندي ڪي ڊي اي جي 3 آفيسرن سميت 6 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن.

نيب پڌرائي موجب جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 6 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن.

نيب موجب گرفتار جوابدارن ۾ ڪي ڊي جي ٽن آفيسرن محمد جمن، اختر رشيد ۽ ناصر ڪاظمي سميت مشتاق، اقبال ۽ محمد ادريس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب موجب جوابدارن رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري ڪرپشن ڪئي ۽ اربين رپين جا سرڪاري پلاٽ وڪرو ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*