صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته فنڪشنل ليگ ڀلي اتحاد ٺاهي پر کين اليڪشن ۾ ڪاميابي نه ملندي

manzoor wassan

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته فنڪشنل ليگ ڀلي اتحاد ٺاهي پر کين اليڪشن ۾ ڪاميابي نه ملندي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته ماضيءَ ۾ ڌانڌلين ذريعي چونڊون کٽيندڙن کي عوام هميشه رد ڪيو آهي.

هن چيو ته هاڻي به فنڪشنل ليگ وارا اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر کين عوام ڪا به موٽ نه ڏيندو.

منظور وساڻ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ عام چونڊن ۾ به ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*