پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪلڀوشن معاملي تي اسان اٻهرائپ ۾ نه پر باقاعده مشاورت بعد عدالت وياسين

sartaj aziz

پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪلڀوشن معاملي تي اسان اٻهرائپ ۾ نه پر باقاعده مشاورت بعد عدالت وياسين، عالمي عدالت ۾ وڃڻ واري عمل تي ٿيندڙ تنقيد بي بنياد آهي، اهو تاثر غلط آهي ته پاڪستان هارائي ويو آهي ۽ ڀارت کي ڪاميابي ملي آهي.

اسلام آباد ۾ ڪلڀوشن معاملي تي بريفنگ ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته عالمي عدالت قونصلر جي پهچ بابت ڪو به حڪم جاري نه ڪيو آهي، قونصلر جي پهچ تائين بابت فيصلو ناهي ٿيو.

هن چيو ته ڪلڀوشن معاملي تي اسان اٻهرائپ ۾ نه پر باقاعده مشاورت بعد عدالت وياسين، عالمي عدالت ۾ وڃڻ واري عمل تي ٿيندڙ تنقيد بي بنياد آهي.

هن چيو ته عالمي عدالت ۾ پنهنجو ايڊ هاڪ جج مقرر ڪنداسين، ڪلڀوشن ڪيس ۾ هاڻي پوري تياري سان اڳتي وڌنداسين.

سرتاج عزيز چيو ته

پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته سڀني آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون، خاور قريشي کي چونڊڻ جو فيصلو گڏيل هو، جڏهن ته خاور قريشي جي دليلن کي سڀني ساراهيو هو.

هن جو چوڻ هو ته ڪلڀوشن عام شهري نه پر ڀارتي بحريه جو آفيسر آهي، ڪلڀوشن جعلي پاسپورٽ استعمال ڪيو ۽ هن دهشتگرد ڪاررواين جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي صنعتڪار سجن جندال جي دوري جو ڪلڀوشن ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي.

هن چيو ته ڀارتي جج به چيو آهي ته ڀارت عالمي عدالت ۾ وڃڻ جي غلطي ڪئي، عدالت فيصلي اچڻ تائين ڪلڀوشن جي سزا روڪڻ جو چيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عالمي عدالت هڪ عبوري حڪم جاري ڪيو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ڪيس جي جلد کان جلد ٻڌڻي ٿئي، جيئن اسان کي ڪلڀوشن بابت موقف ڏيڻ لاءِ دنيا آڏو موقعو ملندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*