متحده پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار سڀاڻي حيدر آباد ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي

Farooq-Sattar-18317

متحده پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار سڀاڻي حيدر آباد ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪمزور سمجهندڙ سياسي ڳجهون ڪراچيءَ تي لامارا ڏئي رهيون آهن، عوام جي حمايت ڪالهه به اسان سان هئي ۽ اڄ به آهي، مخالفن جا خواب ۽ سازشون چڪنا چور ٿي وينديون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  متحده پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار سڀاڻي حيدر آباد ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو.

ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪمزور سمجهندڙ سياسي ڳجهون ڪراچيءَ تي لامارا ڏئي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم تي لڳندڙ الزام رد ٿي چڪا آهن، عوام جي حمايت ڪالهه به اسان سان هئي ۽ اڄ به آهي.

هن چيو ته تازو ڪراچي جي 6 يوسيز جي چونڊن ۾ ڪاميابي  حاصل ڪئي آهي، مخالفن جا خواب ۽ سازشون چڪنا چور ٿي وينديون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*