ڀرياسٽي پوليس نوشهروفيروز مان وڌيڪ هڪ نوجوان ظهور سولنگي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو

NPshero-Feroz-Nojawan-Missing-Protest-22517

ڀرياسٽي پوليس نوشهروفيروز مان وڌيڪ هڪ نوجوان ظهور سولنگي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، نوجوان جي وارثن سندس آزادي لاءِ احتجاج ڪيو.

ڀرياسٽي پوليس گذريل رات بينظير ڪالوني مان نوجوان ظهور سولنگي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، سندس امڙ زهران سولنگي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي پٽ ظهور سولنگي جي آزادي جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان جي امڙ زهران سولنگي چيو ته ڀرياسٽي پوليس سندس پٽ ظهور سولنگي کي بيگناهه گرفتار ڪيو آهي، خدشو آهي ته پوليس شاگرد شفيق سولنگي وانگر پٽ ظهور سولنگي کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندي.

مسمات زهران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ ظهور سولنگي کي آزاد ڪرائي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*