حڪومت چار سال مڪمل ڪري ورتا آهن، رهيل هڪ سال به مڪمل ڪري وينداسين،دفاع واري وزير خواجا آصف

Khuwaja-Asif-211116

دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت چار سال مڪمل ڪري ورتا آهن، رهيل هڪ سال به مڪمل ڪري وينداسين، نوازشريف خلاف ڪم ڪندڙن جو سياسي ميدان تي مقابلو جاري آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ به مخالفن کي ڀرپور شڪست ڏينداسين.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هو چئن سالن کان نوازشريف جي سياسي مستقبل بابت خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن.

هن چيو ته سياسي محاذ ي سندن لاءِ ڏکيائون پيدا ڪيون ويون، ان باوجود حڪومت چار سال مڪمل ڪيا، باقي هڪ سال به ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويندو.

وفاقي وزير چيو ته لبرل سوچ رکندڙ ماڻهو به انتها تي هليا ويا آهن، سمورين رڪاوٽن باوجو وزيراعظم جي ترقي واري سفر کي رڪجڻ نه ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*