فٽنس ٽيسٽ۾ ٻيهر ناڪامي بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بيٽسمين عمر اڪمل کي چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ مان ٻاهر ڪري پاڪستان واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

umar-akmal

فٽنس ٽيسٽ۾ ٻيهر ناڪامي بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بيٽسمين عمر اڪمل کي چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ مان ٻاهر ڪري پاڪستان واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شهريارخان هڪ انٽرويو ۾چيو ته ڪرڪيٽر عمر اڪمل انگلينڊ مان پاڪستان واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هو برمنهگم ۾ تربيتي ڪيمپ ۾ٻه فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام رهيو آهي.

عمراڪمل کي ويسٽ انڊيز جي دوري مان به فٽنس ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ سبب ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو هو.

قومي سليڪشن ڪميٽي عمر اڪمل جي جاءِ تي هاڻي عمر امين يا حارث سهيل کي چيميپئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ موڪلڻ تي غور ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*