ڀارتي ناري عظميٰ ۽ ساڻس پرڻو ڪندڙ طاهر علي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن

India-Girl-Uzma-22517

ڀارتي ناري عظميٰ ۽ ساڻس پرڻو ڪندڙ طاهر علي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن،  ڀارتي هاءِ ڪميشن به لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرايل عظميٰ جو حلفي بيان ٽن صفحن تي ٻڌل آهي.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته هوءَ ڀارتي شهري آهي ۽ نئين دهلي جي رهواسڻ آهي، پاڪستاني شهري طاهر علي عظميٰ بيهوش ڪري ساڻس زيادتي ڪئي ۽ تشدد ذريعي نڪاح ڪيو.

حلفي بيان ۾ طاهر علي جي الزامن کي رد ڪيو ويو آهي.

طاهر علي جي پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ملائيشيا ۾ دوستي بعد ٻنهي جي رضامندي سان شادي، عظميٰ سندس پهرين شادي کان اڳواٽ آگاهه هئي.

طاهر علي پنهنجي حلفي جواب ۾ چيو آهي ته عظميٰ جا سفري دستاويز وٽس موجود ناهن.

ڀارتي هاءِ ڪميشن جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته عظميٰ ڀارتي شهري هئڻ ڪري هاءِ ڪميشن ۾ ترسيل آهي، جنهن جو تحفظ سندن قانوني ذميواري آهي.

عدالت ڀارتي ناري عظميٰ کي اربع ڏهاڙي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*