پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت ڪنهن به ملڪ خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندو

Bajwa-Chief---Us-22517

پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت ڪنهن به ملڪ خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل اهم ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ آمريڪي سفير دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

ملاقات ۾ گڏيل ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جو چوڻ هو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون قربانيون ۽ ڪردار ڪنهن کان به لڪل ناهي.

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.

آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ بابت آرمي چيف جو بيان ساراهه جوڳو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران پرامن ۽ خوشحال افغانستان لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم به ورجايو ويو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*