ايران جي ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر حسن روحاني آمريڪا ۽ سعودي عرب تي سخت تنقيد

Hasan-Rouhani-Irani-22517

ايران جي ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر حسن روحاني آمريڪا ۽ سعودي عرب تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب سپر پاور ملڪ کي پئسا ڏئي ايران جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي. هن چيو ته رياض ۾ ٿيل آمريڪي عرب اسلامي ڪانفرنس جي ڪا به اهميت نه آهي ۽ ان جا ڪي به نتيجا نه نڪرندا.

حسن روحاني چيو ته سعودي عرب ۾ ڪڏهن به چونڊون نه ڪرايون ويون آهن. ايران تازو ڪامياب صدارتي چونڊون ڪرايون، جن ۾ 4 ڪروڙ ايرانين ووٽ جو حق استعمال ڪيو.  ايراني صدر چيو ته سعودي عرب پاران رياض ۾ آمريڪي صدر جي مان ۾ منعقد ڪرايل سربراهي ڪانفرنس جي ڪا حيثيت نه آهي.

هن چيو ته آمريڪي عرب اسلامي ڪانفرنس جا ڪي به نتيجا حاصل نه ٿيندا. سعودي عرب هڪ سپر پاور ملڪ کي پئسا ڏئي ايران جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي. حسن روحاني چيو ته آمريڪا کي اسان جي خطي جي باري ۾ ڪا به خبر نه آهي. ايران آمريڪي حڪومت جي مهذب ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.

ايراني صدر چيو ته سپر پاور ملڪن کي پئسا ڏيڻ سان دهشتگرديءَ جو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي. حسن روحاني ايران جي ميزائيل پروگرام تي آمريڪي صدر جي تنقيد کي رد ڪندي چيو ته ايران کي پنهنجي دفاع لاءِ تيارين بابت ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي. اسان جا ميزائيل دفاعي مقصدن لاءِ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*