دادو ضلعي جي 19 يوسيز ۾ اڄ کان پوليو کان بچاءِ جي مهم شروع ڪئي وئي، سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا

دادو ضلعي جي 19 يوسيز ۾ اڄ کان پوليو کان بچاءِ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليو ٽيمز تي حملا ٿيڻ وارن واقعن بعد  پوليو ورڪرز  جي تحفظ لاءِ سڪيورٽي  جا  انتظام  سخت ڪيا ويا آهن .

ضلعي اندر  هڪ لک 19 هزار 494 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا  ڦڙا پيارڻ لاءِ  295 موبائيل ٽيمون ترتيب ڏنيون ويون آهن.

ڊي ايڇ او  ڊاڪٽر جاويد ڏاوڇ موجب دادو تعلقي جي 9 ، ميهڙ 8، جوهي ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي هڪ هڪ يوسي ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته پوليو  ٽيمز تي حملا ٿيڻ وارن واقعن بعد پوليو ٽيمز جي  تحفظ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف جوهي جي ڳوٺ وريو پنهور ۾ نجي تيل ڪمپني پاران قائم ڪيل هيلٿ سينٽر بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف ڳوٺاڻن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ٻارڙا ڦڙن کان رهجي وڃڻ جو خدشو آهي.

ڪي اين شاهه ۾ 15 ڏينهن اڳ پوليو ورڪرز  عاشيه سيال ۽ ڪنول ملاح سان ٿيل بدڪلامي واري ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

واقعي جا جوابدار گرفتار هئڻ باوجود ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي پوليو ورڪرز  ۾ خوف ڇانيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*