برطانوي شهر مانچسٽر ۾ ڪنسرٽ دوران آپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن

Manchester-Blast-23517

برطانوي شهر مانچسٽر ۾ ڪنسرٽ دوران آپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، پوليس واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مانچسٽر ايرينا ۾ آمريڪي گلوڪارا آريانا گرينڊ جي ڪنسرٽ  دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، ايرينا ۾ موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

برطانوي پوليس علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ وڌيڪ بارودي مواد جي ڳولا بعد علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو.

برطانوي ميڊيا موجب، ڌماڪي ۾ پاپ اسٽار آريانا محفوظ رهي، ڌماڪي بعد پوليس هڪ شڪي شخص کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

جاچ اختيارين موجب ڌماڪو آپگهاتي هو، ڪنسرٽ جي ختم ٿيڻ وقت ٿيل ڌماڪي جو مقصد ايرينا ٻاهر بيٺل ماڻهن کي نشانو بڻائڻ هو.

واقعي بعد وڪٽوريا ريلوي اسٽيشن تان ٽرين سروس معطل ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آڪسفورڊ سرڪس کي به سڪيورٽي خدشن سبب خالي ڪرايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*