مانچسٽر ڌماڪن بعد برطانوي وزيراعظم اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو

uk-prime-minister-23517

مانچسٽر ڌماڪن بعد برطانوي وزيراعظم اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو، وزيراعظم ٿريسامي 8 جون تي رٿيل چونڊن جي چونڊ مهم معطل ڪري ڇڏي آهي.

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اڄ اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ برطانوي عملدار مانچسٽر ڌماڪن ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندا.

برطانوي وزيراعظم ڌماڪن جي متاثر ماڻهن سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڌماڪن تي کيس تمام افسوس ٿيو آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ٿيندي.

برطانوي وزيراعظم مانچسٽر ڌماڪن کي دهشتگردي قرار ڏيندي 8 جون رٿيل چونڊن جي مهم معطل ڪري ڇڏي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*