سنڌ هاءِ ڪورٽ، سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سميت ڌرين کي پهرين جون تي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سميت ڌرين کي پهرين جون تي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ جي حوالگي بابت ميئر ڪراچي وسيم اختر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ، گذريل ڏينهن جمع ڪرايل درخواست تي سنڌ حڪومت سميت ڌرين کي پهرين جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

 عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو ته سندن حڪومتي دور ۾ ڪراچي جي حالت ايتري خراب نه هئي، گذريل 8 سالن دوران ڪراچي کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته کين اميد آهي ته عدالت سندن ڳالهه ٻڌندي ۽ شهر کي انصاف ملندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*