نيب جي رپورٽ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي اڳوڻي وزير علي مردان شاهه کي غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ واري الزامن کان قرار ڏئي ڇڏيو

Sindh-High-Court-NAB-24-2-16

نيب جي رپورٽ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي اڳوڻي وزير علي مردان شاهه کي غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ واري الزامن کان قرار ڏئي ڇڏيو، علي مردان شاهه چيو آهي ته ٻن سالن تائين هڪ ڪوڙي شخص جي الزامن تي نيب سندس وقت ضايع ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ علي مردان شاهه خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي، جنهن دوران نيب اران رپورٽ جمع ڪرائي وئي ته علي مردان شاهه ۽ ٻين خلاف غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ جا الزام ثابت نه ٿيا، جنهن ڪري جاچ ختم ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته نيب چيئرمين به الزام هيٺ آيل ماڻهن خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اهڙي رپورٽ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ علي مردان شاهه ۽ ٻين کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي مردان شاهه چيو ته هن پاڻ سان گڏ پنهنجي بزرگن جي آمدني جو به حساب ڏنو، پر هڪ به الزام ثابت نه ٿيو ۽ ٻن سالن تائين سندس وقت ضايع ڪيو ويو.

هن چيو ته عدالت مان بري ٿيڻ تي هو عزت سان تڪ جي عوام ڏانهن ويندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*