لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ ويجهو ٻن مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

Accident-Sindh-Larkana-Train-23517

لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ  ويجهو ٻن مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ککراڻي ڀرسان ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ٽرين جو ڪار سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ آفتاب احمد ملگاڻي ۽ اسماعيل جانوري فوت ٿي ويا، جن جا لاش چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيا ويا آهن.

فوت ٿي ويل آفتاب احمد ملگاڻي ۽ اسماعيل جانوري ڳوٺ ڪمون منڱيو کان لاڙڪاڻي ڪار ۾ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو آهي.

سيوهڻ ڀرسان ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ڪراچي واسي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته  2 ڄڻا زخمي ٿي پياآهن.

Accident-Sindh-Sehwan-Road-23517

لڪي شاهه صدر وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو سامهون ايندڙ ڪار سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد ادريس ۽ سهيل چوڌري موقعي تي فوت ٿي ويا، شبير چوڌري ۽ امداد چوڌري زخمي ٿي پيا.

لاش ۽ زخمين کي سيوهڻ جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي ۽ زخمي ڪراچي جي ملير ڪينٽ واري علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي ڪار ۾ سيوهڻ وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*