سکر جي ميئر ارسلان شيخ شهر ۾ ڪلين ۽ گرين مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو، ميئر ارسلان شيخ چيو ته شهر ۾ عيدالفطر تائين صفائي مهم جو سلسلو جاري رهندو

Sukkur-Safai-23517

سکر جي ميئر ارسلان شيخ شهر ۾ ڪلين ۽ گرين مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو، ميئر ارسلان شيخ چيو ته شهر ۾ عيدالفطر تائين صفائي مهم جو سلسلو جاري رهندو.

ميئر ارسلان شيخ ۽ ڊي سي رحيم بخش ميتلي جي اڳواڻي ۾ صفائي مهم جي سلسلي ۾ واڪ ڪيو ويو، جنهن ۾ واپارين، شهرين ۽ شاگردن جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ميئر ارسلان شيخ چيو ته شهر جي هر محلي ۽ گهٽي  مان ڪچرو کنيو ويندو ۽ شهر ۾ ٻوٽا پوکيا ويندا.

ميئر ارسلان شيخ چيو ته شهر ۾ صفائي لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪري هر ممڪن جا قدم کنيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*