شڪارپور سانحي کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت خلاف هڙتال شروع ٿي وئي پر هڙتال دهشتگردن خلاف ٿيڻ گهرجي چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، شڪارپور سانحي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته سڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه ڪئي وڃي، بدقسمتي سان شڪارپور ۾ گهڻي عرصي کان فرقيوراڻي ڇڪتاڻ آهي ۽ هڪ مرڪز تي ڳجهي اداري جي نظر آهي، آپگهاتي حملي آور جي اڄ نادرا مان رپورٽ ملڻ کانپوءِ سڃاڻپ ٿي ويندي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته شڪارپور سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي، جنهن ڏينهن ڌماڪو ٿيو، هو ان وقت وزيراعظم نواز شريف سان گڏ ڪراچي ۾ موجود هو.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف شڪارپور سانحي بابت مسلسل لاڳاپيل اختيارين کان آگاهي وٺندو رهيو، اهو چوڻ غلط آهي ته وفاق ان سلسلي ۾ خاموشي اختيار ڪئي.

چوڌري نثار چيو ته شڪارپور ڌماڪي ۾ 5 کان 9 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، سانحي ۾ 62 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 53 زخمي ٿيا.

وفاقي گهرو وزير چيو ته شڪارپور ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪندڙ بمبار جي رڳو آڱر ملي آهي، جيڪا نادرا وٽ آهي، اڄ رپورٽ ملڻ بعد سڃاڻپ ٿي ويندي ٿيندو، بمبار جي درزي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سڪيورٽي ادارا ڳجهي ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪندا آهن، سڪيورٽي جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي متحده ٿيڻ گهرجي.

چوڌري نثار اهو به چيو ته شڪارپور سانحي کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت خلاف هڙتال شروع ٿي وئي پر هڙتال دهشتگردن خلاف ٿيڻ گهرجي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته بدقسمتي سان شڪارپور ۾ ڪجهه عرصي کان فرقيوراڻي ڇڪتاڻ آهي، شڪارپور ۾ هڪ مرڪز آهي، جنهن تي ڳهي اداري جي نظر آهي، افغانستان، فاٽا کان ايندڙ دهشتگرد به شڪارپور جي رستي ڪراچي پهچندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*