ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراهه تان مليل لاش جي هالاڻي واسي نوجوان نعيم شيخ طور سڃاڻپ ٿي آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو

bahria city deadbody

ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراهه تان مليل لاش جي هالاڻي واسي نوجوان نعيم شيخ طور سڃاڻپ ٿي آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.

قومي شاهراهه تي موٽروي پوليس کي گذريل رات اڻڄاتل نوجوان جو لاش مليو، جنهن کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هالاڻي واسي تنوير شيخ لاش جي سڃاڻپ سالي نعيم شيخ طور ڪئي، پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

تنوير شيخ چيو ته نعيم شيخ سيوهڻ جي ميلي تي ويو هو جتان پيادل واپس اچي رهيو هو ته گذريل رات قومي شاهراهه تي گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*