سپريم ڪورٽ ۾ گڙدن جي غير قانوني پيوندڪاري خلاف پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد پوليس 53 صفحن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ ۾ گڙدن جي غير قانوني پيوندڪاري خلاف پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد پوليس 53 صفحن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته گڙدا ڏيندڙ ڊونر نه پر استحصال جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو آهن، غير قانوني پيوندڪاري ناسور آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ غيرقانوني پيوندڪاري بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

اسلام آباد پوليس گڙدن جي وڪري ۽ خريد ڪرڻ بابت 53 صفحن تي  ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ به گڙدن جو غيرقانوني وڪرو ٿي رهيو آهي.

رپورٽ موجب، پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن کي هڪ گڙدو آهي. گڙدو ڏيندڙ کي مائٽ ظاهر ڪيو ويندو آهي.

چيف جسٽس چيو ته انساني عضون جي غيرقانوني پيوندڪاري معاشري لاءِ وڏو ناسور آهي.

چيف جسٽس چيو ته گڙدا ڏيندڙ ڊونر نه آهن پر اهي استحصال جو شڪار آهن،

ايس ايس پي ساجد ڪياني چيو ته گهرن اندر ڇاپا هڻي سگهجن ٿا پر رجسٽرار ادا اهي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي جو اختيار اسان وٽ ناهي.

ايس ايس پي ساجد ڪياني چيو ته اهڙن ادارن خلاف ڪارروائي جو اختيار ايف آءِ اي وٽ آهي، ان معاملي ۾ قانونسازي جي ضرورت آهي ته جئين غيرقانوني ڪاروبار کي روڪي سگهجي.

ايس ايس پي ساجد ڪياني چيو ته گڙدن جي غيرقانوني وڪري ۽  خريد کي روڪڻ جو آرڊيننس 2009 اسلام آباد ۾ لاڳو نٿو ٿئي.

چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان جي ڪم جي تعريف ڪيون ٿا، اهو ايڪٽ وڏو اشو آهي، ان لاءِ سمورا ادا گڏجي ڪم ڪن.

چيف جسٽس ايس ايس پي ساجد ڪياني سان مخاطب ٿيندي چيو اوهان گڏيل رپورٽ تيار ڪئي آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.

چيف جسٽس چيو ته گرفتار جوابدارن جا چالان عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن، ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*