وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين برطانوي شهر مانچسٽر ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي

Nawaz-Sharif--Mamnoon-26716

وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين برطانوي شهر مانچسٽر ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خاتمي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان ڏک جي هن گهڙي ۾ برطانيا سان گڏ آهي.

وزراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون  پونديون.

صدر ممنون حسين چيو ته مانچسٽر ڌماڪي ۾ ٿيل جاني نقصان تي کين تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مانچسٽر دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي ختم ڪرڻ سڄي دنيا جي ذميواري آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو برطانوي عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، عالمي برادري دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿئي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به مانچسٽر ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مانچسٽر ڌماڪي ۾ ٿيل جاني نقصان تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*