سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي هٽائڻ خلاف اسٽي برقرار رکيو ويو آهي

Sindh-high-Court-19417

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي هٽائڻ خلاف اسٽي برقرار رکيو ويو آهي.

جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  اي ڊي خواجه کي هٽائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو چوڻ ته وفاق جو اماڻيل آفيسر صوبائي قانون جي دائري ۾ ايندو آهي، ڊيپوٽيشن تي ٻين صوبن ۾ مقرر آفيسر سول سرونٽ نه پر ڪيڊر پوسٽ هولڊرز هوندا آهن.

جسٽس منيب اختر ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته مقرري جي حوالي سان سنڌ سرڪار جو ڪهڙو موقف آهي؟، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آرٽيڪل 202 تحت پٽيشن ٻڌڻي لائق نه آهي، ڇاڪاڻ ته ملازمت بابت رولز تي هاءِ ڪورٽ کي رٽ جاري ڪرڻ جو اختيار نه آهي.

جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌڻي جي اختيارن بابت اوهان جو پوائنٽ نوٽ ڪيو ويو آهي، توهان غير لاڳاپيل دليل نه ڏيو.

ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏيندي چيو ته سوال اهو آهي ته هڪ عام شهري سروس معاملي ۾ سڌي ريت هاءِ ڪورٽ سان ڪيئن رابطو ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ سول سرونٽ کي پاڻ اچڻ جو اختيار نه آهي.

جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته سندن ڪنهن آفيسر ۾ دلچسپي نه آهي، هو ڏسندا آهن ته رولز آف بزنس ڇا ٿا چون، اوهان پنهنجي توهين عدالت واري درخواست تي دليل ڏيو.

جسٽس منير اختر، آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ واري معاملي تي اسٽي برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*